شاعريءَ سان دشمني

شاعريءَ سان دشمني

شاعريءَ سان دشمني

شاعريءَ سان دشمني (ڪتاب): هيءُ ڪتاب موجوده دور جي نامور شاعر ۽ اديب، اسحاق سميجي جي مختلف شاعرن تي لکيل تنقيدي مقالن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ هيٺيان اهم تنقيدي مضمون شامل آهن: بي مثال مصنوعي شاعري (تاج بلوچ جي شاعريءَ تي تنقيد) للاٽ جي لاٽ شل جرڪي (شيخ اياز تي امداد حسينيءَ جي تنقيد جي موٽ)، پهريون جديد شهر آشوب (امداد حسينيءَ جي طويل نظم جو جائزو)، (شيخ اياز جي غزلن جي ڪليات ‘گيڙو ويس غزل’ جو مهاڳ)، ڀيڙ کان ٻاهر بيٺل شاعر (اياز گل جي شاعريءَ جو جائزو)، ڌرتيءَ جو سينو چيري نڪري آيل شاعري (علي دوست عاجز جي ڪتاب ’اچن ڀؤنر ڀنڀولتا“ جو مهاڳ)، ‘آخري لفظ’ ڪتاب بابت ٻه لفظ (شبنم گل جي شاعريءَ بابت)، آدرش ۽ سندس نثري نظم، شاعري، فن ۽ فياض وغيره. هن ڪتاب ۾ ليکڪ تنقيد جي اوسر ۽ سنڌ ۾ تنقيد جي کوٽ تي به روشني پڻ وڌي آهي.
159 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان هن ڪتاب کي نئون جنم پبليڪيشن حيدرآباد، 2005ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 100 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو